اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? حڪومت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٻارن جي ترقي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، انهن جي وقار ۽ سلامتي جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ??رعزم آهي، موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ??ختلف پروگرامز شروع ڪيا آهن، م??تلف قدمن جي ذريعي قانون جي حڪمراني ۽ معاشي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو پي?? وڃي، حڪومت ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي ۽ انهي موجب ماڻهن تي ان جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ حصيدارن سان گڏجي هر ممڪن مناسب قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسل چلڊرن ڊي 2020ع جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو