اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي ??ان بي بي سي جي ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ??يل رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ??يو. وفاقي وزير مراد سعيد نئين سال جي آغاز کي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي حوالي ??ان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ??و، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي ??ان بيانن جي مذمت ڪندي ??يو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامينٽ، ايس اي سي پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي پنهنجي مرضي جي ماڻهن جي خلاف ۽ پنهنجي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو.