لاهور – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ??هباز گل چيو آهي ته مون تي هڪ سياسي بيان کڻي ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جي ??وشش ڪئي وئي، مون 26 سيپٽمبر 2020ع جي پروگرام ۾ ڪنهن ڪمپني جو نالو نه کنيو جڏهن ته 29 سيپٽمبر تي جعلي ليٽر ٺاهيو ويو ڇو ته اهو اهڙي شخص جي صحيحن سان ٺاهيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ نه هو، 20 سيپٽمبر تي هڪ ٻيو ليٽر ٺاهيو ويو ۽ منهنجي خلاف ڪريمنل پروسيڊنگ سان گڏ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته عام طور تي اهڙو ڪيس سول ڪورٽ ?? ويندو آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪريمينل پروسيڊنگ ۾ موڪليو ويو جڏهن ته اهو ڪيس م??زز عدالت ۾ آهي جنهن جي حقيقتن جو فيصلو جلد عدالت ڪندي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.