اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي اليڪشنز (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 122 جي ذيلي سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪئي وئي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ دائره ڪار 2021ع جي ريفرنس نمبر 1 تي راءِ ڏي ٿي ته سينيٽ اليڪشن آئين جي آرٽيڪ?? 226 جي دائري ڪار ۾ نه ٿيون اچن ته سينيٽ اليڪشن م??رچ 2021ع اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي ويندي. سياسي پارٽين جا قائد پنهنجي پارٽي ميمبرز پاران وڌل ووٽ ڏسڻ جي درخواست ڪميشن کي ڪري سگهندا ۽ ڪميشن سياسي پارٽي جي قائد يا ان جي نمائندي کي ووٽ ڏيکاريندي.