اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شاگر??ن جي تعداد ۾ اضافو ڪن ??ه جئين ملڪ ۾ نرسز جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ شهيد ??والفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شاگر??ن جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ غير ملڪي شاگردن کي به مائل ڪن، ايوان صدر مان جاري بيان موجب شهيد ??والفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي تعليم لاءِ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفن?? ڏني.