اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي ??شڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي ??ستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ??يب سائيٽ ٽوئيٽر ??ي پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي ??اڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي ??راهمي جو به حڪم ڏنو آهي.