لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ ار??ن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، نئون پاڪستان ??ائ??سنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي فرنٽ ار??ن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو چيئرمين را??د عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب راوي ريور فرنٽ ار??ن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لائنز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري دلچسپي، انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ريگوليشن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.