اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائ??س سبب فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائ??س سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 940، پنجاب ۾ 12 هزار 184، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 53، اسلام آباد ۾ 4 هزار 678، بلوچستان ۾ ه?? هزار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل ??هن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 97 هزار 497 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ??اءِ مختص ڪيل ه?? هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 825 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائ??س سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 806 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 731، بلوچستان ۾ 15 هزار 281، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 787، اسلام آباد ۾ 16 هزار 611، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 811، پنجاب ۾ 99 هزار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 484 آهي.