اسلام آباد – 22 ن??مب?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور ع??ام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اهي سياسي بصيرت رکندڙ ??اشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو پر پي ڊي ايم جي عوام دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.