اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهر?? وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مخالف ڌر جيترو مرضي زور لڳائي نتيجو ٻڙي ضرب ٻڙي نڪرندو، مخالف ڌر جي سياسي ٻيڙي وچ منجهدار ۾ ٻڏندي، ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي به خبر آهي ۽ نيڪٽا جي هاءِ الرٽ جي به، مخالف ڌر جي سياست ??ند گهٽيءَ طرف وڃي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گهر?? وزير چيو ته مخالف ڌر کي سڀاڻي مايوسي ۽ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ عمران خان سرخرو ٿيندو.