اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي ??ڪومت جا ٽي سال مڪ??ل ٿيڻ تي ڪورونا حڪمت عملي، معيشت، واپار، توانائي، زراعت ۽ عوامي ڀلائي سميت ٻين اهم شعبن ۾ بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪندو، ان سلسلي ۾ اڄ خميس ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ خاص تقريب ٿيندي جنهن ۾ ڪاميابين، چئلينجز، اميد ۽ شاندار مستقبل جي ??وڊ ميپ تي ٻڌل حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ نئون پاڪستان جي ويزن موجب عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جي ڪوششن ۽ قدمن جو احاطو ڪيو ويندو. ٽي سال اڳ آگسٽ 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ ا??صاف وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي مديني جي ??ياست جي ??رز تي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جي ??زم سان گڏ حڪومت جو نظم ۽ ضبط سنڀاليو هو. جيتوڻيڪ گذريل 12 مهينن ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ڪري پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي ??ڪومت کي مختلف شعبن ۾ ڪافي مشڪلاتون درپيش هيون پر پي ٽي آءِ جي ??ڪومت پنهنجي پهرين 2 سالن جي ڪارڪردگي کي برقرار رکيو ۽ مشڪلاتن کي انهن جي ??روع ۾ ئي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو. ڪورونا جي ??نگين حالتن ۾ وزارتون، کاتا ۽ سرڪاري ادارا عام ماڻهو کي هر ممڪن بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ ڪم ڪندا رهيا. حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي 21 – 2018ع تي ٻڌل رپورٽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ??رپرستي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت تيار ڪئي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري عالمي اقتصادي ٻاڙائي جي ??اوجود موجوده حڪومت جي ڪاميابين ۽ ڪارنامن جا تفصيل ڏنا ويا آهن. اها رپورٽ 251 ص??حن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ وزارتن، ڊويزنن ۽ سرڪاري کاتن سميت 44 سرڪاري ادارن جي ويزن، ڪاميابين ۽ اڳتي جي ??ڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ هر شعبي جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ اهم مقصدن، انهن جي قدمن تي اڳڀرائي، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، قانونسازي جي ??والي سان پاليسي فريم ورڪ ۽ مختلف منصوبن جا تفصيل پڻ بيان ڪيا ويا آهن. رپورٽ جي مواد کي انفو گرافڪس، لاڳاپيل حقيقتن ۽ انگن اکرن ذريعي واضح ڪيو ويو آهي. آگسٽ 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ تي پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي ??ڪومت کي مالياتي عدم استحڪام، غربت، تعليم ۽ صحت جي ??عبن ۾ ناڪافي سهولتن سميت مختلف چئلينجز ورثي ۾ مليا جڏهن ته گذريل ٽن سالن ۾ حڪومت معاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي مسئلن جي ??ل لاءِ نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا آهن خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي ??ورتحال ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪمت عملي اختيار ڪري حڪومت معاشي سرگرمين کي بحال رکيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته عالمي رسالي دي اڪانومسٽ پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ??ورتحال کي منهن ڏيڻ جي ??والي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ٽن ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۽ ڪورونا وبا کان حفاظت جي لاءِ ملڪ ۾ اوزارن جي ??ياري ۾ پاڻڀرائپ موجوده حڪومت جون اهم ڪاميابيون آهن. موجوده حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ??هولت ۽ انهن کي سستي رهائش فراهم ڪرڻ جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، سماجي ??حفظ جي لاءِ احساس پروگرام ۽ نوجوانن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام جهڙا اهم منصوبا شروع ڪيا آهن. ملڪ جي ??وانائي جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ ۽ توانائي جي ??عبي ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ متبادل توانائي جي ??ريعن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. 60 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو وڏن پاڻي ذخيرن جي ??عمير جي ??ملي شروعات ڪئي وئي آهي. قانونسازي جي شعبي ۾ معاشري جي ??ريب ۽ ڪمزور طبقي جي ??هولت لاءِ ضابطه ديواني ترميمي ايڪٽ 2020ع، عورتن جي لاءِ ملڪيت جو حق لاڳو ڪرڻ جي ??يڪٽ 2020ع ۽ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ 2020ع جهڙا 54 قانون منظور ڪيا ويا آهن. اها رپورٽ عوامي معلومات جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي.