لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان فيڊرل يونين جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر رانا عظيم ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي صدر شهزاد حسين بٽ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو سيڪريٽري اطل??عا?? احتشام الحق، آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) جو وائيس چيئرمين ن??يم مصطفيٰ، پي يو جي جو سيڪريٽري اشرف مجيد، پي ايف يو جي جو اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد چوڌري، لاهور پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر فاروق جوهري ۽ رانا مظهر پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صحافين جي مسئلن ۽ پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) مسودي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پي ايم ڊي اي با??ت صحافين جي خدشن کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته پي ايم ڊي اي ۾ صحافي ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته پي ايم ڊي اي جي ??وا??ي سان قياص آرائيون بلڪل ڪوڙ آهن، ڪنهن به ميڊيا هائوس کي بند نه پيو ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته صحافين جي لاءِ رهائشي پلاٽس ۽ آسان شرطن تي قرض جاري ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پي ايم ڊي اي کي آرڊيننس سان نه پر بل جي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پي ايم ڊي اي مسودي جي شفافيت جي لاءِ ڪميشن ٺاهينداسين جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جي برابر عهدي جي شخصيت هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل رانا عظيم چيو ته پي ايم ڊي اي ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پي ايم ڊي اي جو اصل مسودو جاري ڪري ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃي. پي يو جي جي صدر شهزاد حسين بٽ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صحافين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. (ايپنڪ) جي چيئرمين ن??يم مصطفيٰ چيو ته پي ايم ڊي اي با??ت ميڊيا ورڪرز جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.