اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وا??لڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو و??ي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وا??لڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. و??ير??عظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، و??ير??عظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. و??ير??عظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. و??ير??عظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو و??ي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪ??ال??جي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. و??ير??عظم ”قومي موسمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وا??لڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو و??ي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وا??لڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، و??ير??عظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. و??ير??عظم جي موسمياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي تبديلي جي پاليسي، قومي وا??لڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري مونس الاهي، قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، و??ير??عظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو و??و وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو و??و وزير خالد خورشيد، پنجاب جو و??و وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو و??و وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جو و??ير??عظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وارو وزير اسماعيل راهو و??يو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.