اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري ??المي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري ??ور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري ??رح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري ??ور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري ??لاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اسل?? چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوب?? ۾ ??اڪستان جي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.