اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي ن??ٽيس ڪيس جي ٻڌ??ي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌ??ي تائين معامل?? تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنام?? تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانهي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قدم کڻي، متاثر والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿي عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادست?? تي يقين رکون ٿا، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي، عدالت حڪم ڏي، ايڪشن کڻندس. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاڻمرادي ن??ٽيس ڪيس جي ٻڌ??ي ڪئي. ٻڌ??ي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪي فائنڊنگ نه آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اربين رپيا انٽيلي جنس تي خرچ ٿين ٿا، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيلي جنس ڪٿي هلي وڃي ٿي، عوام ۽ ٻار?? کي اسڪولن ۾ مرڻ جي لاءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار ۽ سپاهين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ۾ ته ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ادار?? کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، سڀ کان نازڪ ۽ آسان هدف اسڪول جا ٻار هئا، اهو ممڪن نه آهي ته دهشتگرد?? کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، متاثره والدي?? کي تسلي ڏيڻ ضروري آهي، والدين چاهين ٿا ان وقت جي اعليٰ عملدارن جي خلاف ڪارروائي ٿئي. ٻڌ??ي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير علي زيدي، خاص معاون علي ن??از اعواڻ، سينيٽر عون عباس بپي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جڏهن اي پي ايس پشاور سانحو ٿيو ته صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي، واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هئس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي جي وقت اسڪول جي ٻارن جا والدين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو به مداوو ڪري سگهيندي هئي ڪيو، سمورين سياسي پارٽين اختلاف?? کي هڪ طرف رکي اي پي ايس سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگردي جي خلاف اسان جنگ ان لاءِ کٽي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، اسان جو اسامه بن لادن ۽ افغانستان جي صورتحال سان ڪو واسطو نه هو، آئون چوندو رهيس ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيو، آمريڪي دٻاءُ تي مشرف ٻاهرئين جنگ ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسند پاڪستان اچي وي??، طالبان حڪومت کانپوءِ اڍائي لک ماڻهو پاڪستان جي رستي ٻاهر ويا، انهن ماڻهن جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ روپوش ٿيا، اسان جو نائن اليون سان ڪو تعلق نه هو، متاثر والدين جيڪي نالا ڏنا انهن مان ڪير مقدس ڳئون نه آهي، قانون جي بالادستي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي ن?? ئي مقدس ڳئون، اخلاقي ذميواري تحت ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، عدالت ڪميشن ٺاهي، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اي پي ايس سانح?? تي ماڻه?? کي ڦاهيون ڏنيون ويون. ان دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو نه ٿا چئون ته ايف آءِ آر داخل ڪريو، ماڻهن جي خبر ته پوي ته ذميوار ڪير آهي، شهيدن جي والدي?? کي ٻڌ?? وارو ڪير نه آهي، ڪجهه نه ڪجهه ڪاروائي ته ٿيڻ گهرجي. ان موقع?? تي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته غيرجانبداري سان والدين جي نامزد ماڻهن کان جاچ ته ٿئي، توها?? کي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، عدالتي حڪم ۾ نالا واضح آهن، اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري سگهي ٿي، عدالت کي خاطري ڪرايو توهان ايڪشن کڻندا، واضح قدم کڻي عدالت کي آگاهه ڪريو، تعين ڪريو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري هئي، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته سانحي جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا، سمجهون ٿا ته سانحو ان وقت جي حڪومت جي ناڪامي هئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جو مسئلو حل ٿيڻ تائين مسئلو رهندو، وزيراعظم عمران خان عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادست?? تي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي ن?? ئي مقدس ڳئون، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس، اسان نيشنل انٽيلي جنس ڪوآرڊينيشن ڪميشن ٺاهي جيڪا معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد وزيراعظم عمران خا?? کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪجهه ملي ٿو ته ڪارروائي ڪريو، 7 سالن کان ڪنهن وڏي جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، هاڻي توهان بااختيار وزيراعظم آهيو. ٻڌ??ي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مظلوم جو ساٿ ته اهو ئي آهي ته ظالم جي خلاف ڪارروائي ٿئي. اعليٰ عدليه وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌ??ي تائين معامل?? تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌ??ي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنام?? تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مثبت قدم کڻي، حڪومت والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.