ڪوئيٽا – 15 – نو??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? تعليم کانسواءِ قومون ترقي ناهن ڪنديون، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي معياري تعليم کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دارالفلاح ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ت?? خاتون اول بيگم ثمينه علوي، چيف سيڪريٽري بلوچستان مطهر نياز رانا ۽ اداري جا فائونڊر مي??بر ۽ انهن جا پونئير پڻ موجود هئا. صدر 1926ع ۾ قائم ٿيندڙ ان اداري جي تعليمي خدمت?? کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ننڍي کنڊ ۽ هند ۾ تعليمي ادارن جي قيام ۽ فروغ جي لاءِ سر سيد احمد خان سميت مسلمان ڏاهن جو ڪردار هڪ روشن باب آهي جنه?? کي جاري رکڻ جيل اءِ حڪومت سان گڏوگڏ سرندي وارن ۽ فلاحي ادار?? کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ فلاحي ادارا تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومت جو هٿ ونڊڻ جي لاءِ تيار آهن ۽ ڪجهه صوبن ۾ نجي ادارن جي معاونت لاءِ ون لائين بجيٽ جو تصور ڪامياب رهيو آهي، نجي شعبي کي ذميواريون ڏئي بهتر تعليمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پاڪستان تعليم کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿو ڪري ان لاءِ اسا?? کي موجوده دور جي گهرجن موجب پاڻ کي ت??ار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ٻار روايتي تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن انه?? کي هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشري جو ڪارائتو شخص بڻائڻو پوندو، ان کانسواءِ خصوصي ٻار?? کي نارمل اسڪولن ۾ داخل ڪري انه?? کي به تعليم جا برابر موقعا ڏيڻا پوندا ته جيئن انهن ۾ خوداعتمادي بحال ٿئي. صدر شاگرد?? کي نصيحت ڪئي ت?? اهي محنت ۽ عزم سان تعليم جي تسلسل کي جاري رکن ۽ پيشيواراڻي تعليمي مضمونن سان گڏ فزڪس ۽ ميٿ تي خاص ڌيان ڏين. صدر چيو ته اسا?? کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اسان جي ٻار?? کي جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي ان جو معيار ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي طرح بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دارالفلاح ڪوئيٽا جي تعليمي خدمت?? کي ساراهيندي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته دارالفلاح سميت اهڙي قسم جي فلاحي ادارن جي معاونت ۽ سرپرستي ڪئي ويندي.