اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن ??ي ڪائونسل جي غير م??مولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪس??رن?? پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزير کي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائنسل جي غير م??مولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن ??ي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير م??مولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ?? استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.