اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين کي ??لڪ جو قيمتي اثاثو قر??ر ڏيندي انهن جي لاءِ وڌ کان ??ڌ سهولتون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ملاقات ۾ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ حڪومت جي راءِ جو حق ??يڻ واري قدم ۽ نادرا جي ذريعي پاور آف اٽارني جي آن لائين نظام جي افاديت ۽ پذيرائي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم کي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي ??لڪ جو قيمتي اثاثو قر??ر ڏنو ۽ انهن جي لاءِ وڌ کان ??ڌي سهولتون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.