اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻا??ڻ لاءِ ڀر??ور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جي ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت کي ??اصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻا??ڻ لاءِ کين بئنڪن جي ذريعي قرض فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي سهڪار سان ڪيو هو. صدر چيو ته عورتن کي ??عليم حاصل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن جيڪي نون رجحانن کي ??ڃاڻيندا آهن، 2030ع تائين دنيا کي ??ائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت هوندي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقعن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي ??ڳتي وٺي وڃن ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ??رقي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان کي ??يزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار بڻجي وينديون. هن تقريب جي انعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عورتن کي وراثت جو حق حاصل نه هو، اسلام 14سئو سال اڳ عورتن کي وراثت ۾ حصيدار بڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻا??ڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جيتري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت هيٺين سطح تي به عورتن کي ??وڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسان کي هاني هنرمند ماڻهن کي ??يار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي ??ءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀر??ور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي داخلائن جي تعداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ڪري ڇڏي آهي، فيس بڪ جي تعاون سان عورتن کي ??ربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حاصل ڪري پنهنجي روزگار ڪمائيندڙ هنرمند عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.