اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ح??وم?? سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، ع??الت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ قيادت پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ??ي موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳڀرائي ٿيندي، سياسي پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت م??ائ?? جي ضرورت آهي، هن چيو ته نواز ش??يف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.