اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان فل??حي رياست جي طور تي دنيا لاءِ مثال بڻجندو، ايندڙ وقت قومي صحت ڪارڊ جهڙي اسان جي قدمن جي اهميت ثابت ڪندو، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به شهرين کي اهڙي طرح جي هيلٿ انشورنس ميسر نه آهي، ملڪ جو پئسو ڦُريندڙ حڪمران کنگهه جو علاج ڪرائڻ به ٻاهر ويندا آهن، انهن جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺل آهي، پاڪستان کي اهڙي فل??حي رياست بڻائينداسين جنهن ۾ رياست ڪمزور ۽ غريبن جي ذميداري کڻي ۽ قانون جي حڪمراني هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ذريعي اسلام آباد، پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٿرپارڪر جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين جي صحت جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کانسواءِ وفاقي وزير ۽ خصوصي مددگار?? سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ تي عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم ۽ صحت واري وفاقي وزارت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهو تمام وڏو قدم آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي هر خاندان کي 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي. وزيراعظم چيو ته بر??انيه جو نيشنل هيلٿ سسٽم ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ آئون ان کان تمام گهڻو متاثر هئس پر جيڪو نظام اسان آڻي رهيا آهيون، اهو ان کان به وڌيڪ بهتر آهي. بر??انيه ۾ شهرين جي لا??ِ صرف سرڪاري اسپتالن ۾ علاج مفت آهي جڏهن ته اسان جيڪو هليٿ ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي ان جي ذريعي شهري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا ۽ هيلٿ انشورنس لاءِ ڪو پريميم به نه ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ڪارڊ امير ۽ غريب جي فرق کانسواءِ سڀني جي لاءِ آهي، هن چيو ته مون سرڪاري اسپتالن جي تنزلي جو سفر ڏٺو آهي، پهرين سرڪاري اسپتالون تمام گهڻيون بهتر هيون پر وقت سان گڏ اميرن جي لاءِ پرائيويٽ اسپتالون بڻجي ويون جڏهن ته سرڪاري اسپتال صرف غريبن جي لاءِ رهجي ويون، وزيراعظم چيو ته ڊسٽرڪٽ اسپتالن جي حالت اها ٿي وئي ته انهن ۾ ڊاڪٽرز نه آهن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولت نه هجڻ جي بر??بر آهي. ميانوالي مان علاج جي لاءِ ما??هن کي راولپنڊي اچڻو پوندو هو، پورو سسٽم صرف ايلٽ ڪراس کي سهولتون فراهم ڪندو هو ۽ غريب صرف ٺوڪرون کائڻ لاءِ رهجي ويو هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪنهن مقصد جي لاءِ ٺهيو هو، ڀارت جي مسلمانن پاڪستان جي لاءِ ووٽ ڏنو هو جڏهن کين معلوم به هو ته اهي اتي ئي رهجي ويندا، ماضي ۾ ڪنهن ان ويزن جي باري ۾ ناهي سوچيو جنهن جي تحت پاڪستان ٺهيو هو، وزيراعظم چيو ته جڏهن مون شوڪت خانم اسپتال جي قيام لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو علاج نه هوندو هو جنهن جي ڪري مون کي پنهنجي والده کي بر??انيه کڻي وڃڻيو پيو، عام ما??هو مهانگي علاج جو خرچ بر??اشت نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ مون ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو سوچيو، جڏهن اسان اها اسپتال شروع ڪئي ته پهرين چيف ايگزيڪيٽو جنهن جو تعلق ٻاهرين ملڪ سان هو چيو ته جيڪڏهن 5 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته 3 مهينن ۾ شوڪت خانم اسپتال بند ٿي ويندي، ٽن مهينن بعد اهو چيف ايگزيڪيٽو ته هليو ويو پر اها ڪينسر اسپتال اڄ به ساليانو 10 ارب روپيا غريبن جي مفت علاج تي خرچ ڪندي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪمران انتظار ڪندا هئا ته خوشحالي ايندي ته پاڪستان کي فل??حي رياست بڻائينداسين، اسان پاڪستان کي مديني جي رياسات وانگر فل??حي رياست بڻائڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ان مقصد جي لاءِ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا تعليمي ادارن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت جي حوالي سان تعليم ۽ آگاهي فراهم ڪندي. هن چيو ته مديني جي رياست ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي، پاڪستان ۾ طاقتور جي لاءِ ڌار قانون هو ۽ امير ۽ غريب ۾ فرق وڌندو ويو. اڄ اسان صحت ڪارڊ جو جيڪو تاريخي قدم کنيو آهي، ايندڙ وقت ان جي اهميت ثابت ڪندو. هن چيو ته قومي سلامتي جو تحفظ انهي وقت ممڪن آهي جڏهن عام ما??هو رياست سان تعلق محسوس ڪري، ماضي ۾ حڪمران پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، اهي پنهنجو علاج به ٻاهرين ملڪ ڪرائيندا آهن، کين عام ما??هو جي مشڪلاتن جو احساس نه آهي، اسان جيڪي فل??حي قدم کنيا انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، هيلٿ انشورنس تي ساڍا چار سئو ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار جو تعلق هڪ پوئتي پيل علائقي سان آهي ۽ هو عام ما??هو جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کان چڱي ريت آگاهه آهي، ان جي خلاف جهڙي مهم هلائي وئي اهڙي ڪنهن وڏي وزير خلاف نه هلائي وئي پر جڏهن سروي جي رپورٽ آئي ته خبر پئي ته هو پهريون نمبر وڏو وزير آهي، الله تعاليٰ کي عاجزي پسند آهي جيڪو پهرين وڏو وزير هو اهو ٽوپيون ۽ بوٽ پائي گهمندو هو ۽ کنگهه جو علاج ڪرائڻ لاءِ به باهر ويندو هو، ان جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺو آهي، وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ هڪ پورو هيلٿ سسٽم آهي ان سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو، سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ مقابلي جي فضا سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال ٺهندا ڇو ته ما??هن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ پئسو موجود هوندو، وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ پنج نيون ماءُ ۽ ٻار جون اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن ڇو ته صوبي ۾ ويم دوران موت جي شرح تمام گهڻي آهي، پرائيويٽ اسپتالن کي به مراعتون ڏنيون وينديون ته جئين پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال بڻجي سگهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان فل??حي رياست جي طور تي پوري دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجندو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جو خواب آهي، اڄ راولپنڊي ڊويزن جي ضلعن جي عوام کي به صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، 56 اسپتال صحت ڪارڊ جي پينل تي هونديون، پنجاب حڪومت 31 ضلعن جي 11 ڪروڙ عوام کي صحت جي لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا آهن، مارچ جي آخر تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر هوندي.