اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ رياست جي ذميداري ??هي?? 911 ايمرجنسي هيلپ لائن جي قيام سان سڄي ملڪ ۾ غريب ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان شڪايت ڪندڙن کي فوري رليف ملندو، حڪومتي سطح تي ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا جنهن سان حڪومت انهي حساب سان وسيلا مختص ڪري سگهندي، اهو هڪ مثبت قد?? آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ جامع ڪيو ويندو، هن ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي اشرافيه لاءِ هڪ ۽ باقي ماڻهن لاءِ ڌار پاڪستان رهيو جتي صحت، تعليم، سميت ٻيون سهولتو?? رڳو ا??رافيه کي ميسر رهيون، منهنجو سياست ۾ نظريو پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ هو. 911 ايمرجنسي هيلپ لائين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو عوام جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ ان جي مدد لاءِ رياست کي ڪرڻ گهرجي. 911 سان شهرين کي ڪنهن به درپيش مشڪل ۾ اهو ا??تماد حاصل هوندو ته رياست ان جي مدد ڪندي، پوري پاڪستان مان هڪ نمبر تي ڪال ڪرڻ سان ان مسئلي جو فو??ي حل ٿي سگهندو، هن چيو ته اهو هڪ نئون پروگرا?? آهي جنهن ۾ شروعات ۾ مسئلا ايندا تنهن هوندي به ان سان ماڻهن کي اهو ا??ساس ملندو ته اهو پاڪستان سڀني لاءِ ??هي?? اشرافيه لاءِ هڪ ۽ عوام لاءِ ٻي پاڪستان جو فرق ختم ٿيندو، ڪو به شهري ڪنهن به لمحي پنهنجي شڪايت ڪنهن به علائقي مان ان نمبر تي ڪال ڪري داخل ڪرائي سگهي ۽ رياست ان تي فوري جواب ڏيندي، اهو ا??لامي فلاحي رياست طرف هڪ قدم ??هي?? ان پروگرام تي گهرو وزارت سميت سڀني محنت ڪئي ??هي?? سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ان جي ڪاميابي لاءِ سمورن صوبن جو تعاون گهربل هوندو، اهو مجموعي طور تي پوري پاڪستان جو منصوبو ??هي?? 18 هين ترميم کانپوءِ وفاق ۽ صوبا ڌار ڌار نظر ايندا آهن پر ان منصوبي سان اهي سمورا گڏ بيهي سگهندا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جو آغاز خيبرپختونخوا مان ڪيو ۽ سنڌ کانسواءِ پوري ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو جنهن سان 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر اچي سگهندي، غريب خاندانن ۾ بيماري هڪ وڏو مسئلو هوندي ??هي?? غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن لاءِ هيلٿ ڪارڊ هڪ وڏي سهولت ??هي?? هاڻي اهي مهانگي کان مهانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ اسان هڪجهڙي تعليمي نصاب لاءِ قدم کنيا آهن، شروعاتي طور تي پنجين درجي تائين هڪجهڙو نصاب شروع ڪيو ??هي?? اهو ڪم 70 سال پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو تنهن هوندي به اسان آهستي آهستي ان کي مٿي تائين وٺي وينداسين، اشرافيه لاءِ انگلش ميڊيم ۽ ٻين لاءِ ٻيو تعليمي نظام ناانصافي جو نظام هو، وزيراعظم چيو ته اسان احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيا، گهٽ آمدني وارن لاءِ پنهنجو گهر پروگرام شروع ڪيو، ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيو، هن چيو ته اسان قانوني امداد جو پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون جتي فريادي کي وڪيل ڪري ڏيون. هن چيو ته پهرين فلاحي رياست ٺهندي آهي ته پوءِ ان جي برڪت مان پئسا به ايندا آهن، چين جو ماڊل اسان جي لاءِ مثال ??هي?? چين 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي هيٺين لڪير کان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين گڏجي اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ڪيو هو پر ڀارت ايليٽ ڪلاس جي ڪري پوئتي رهجي ويو، چين هن وقت دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت ??هي?? هو مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروري ڪري رهيو ??هي?? هن چيو ته مديني ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ جيستائين اسان ايليٽ سسٽم نه ٽوڙينداسين ته سمورين سهولتن تي انهن جو قبضو رهندو، 911 ان طرف اهم قدم ??هي?? اسان ان پروگرام تحت عام غريب ماڻهو کي بااختيار بڻائينداسين، ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا، پوءِ حڪومت ان تحت وسيلا مختص ڪندي، اهو هڪ مثبت قد?? آهي جنهن کي جامع ڪرڻ ۾ ٻن سالن جو وقت لڳندو، اها پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ وڏي سهولت آهي