اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي سفير وزير??عظ?? شهباز شريف کي بحرين جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي سفير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي ??ما?? گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? بحرين جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ ??ما?? وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ ??ي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.