اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪس??ان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر ۽ پاڪس??ان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ملڪ احمد خان پڻ موجود هو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.