ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) ڊائمنڊ جوبلي جشن آزادي جي سلسلي ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪالي?? لورالائي ۽ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪينٽ ۾ پروقار تقريبون منع??د ڪيون ويون جنهن جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عتيق الرحمان شاهواڻي هو. تقريبن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين اردو ۽ انگريزي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو. ملي نغما ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا. تقريبن کي خصوصي مهمان ڊاڪٽر عتيق الرحمان شاهواڻي خطاب ڪندي چيو ته هي ملڪ اسان کي اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين جي ڪري مليو آهي. جنهن جو تحفظ، تعمير ۽ ترقي اسان جي ذميواري آهي. پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر قسم جي اختلاف?? کان مٿانهون هڪ متحد قوم جي شڪل ?? ڪم ڪرڻو پوندو.