نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جا??زو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو ب?? دورو ڪيو. ان مو??عي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جا??زو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان مو??عي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.