دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023?? جو آفيشل مئچ بال ”الريحلا“ پاڪستان ۾ ??اه??و وي?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي روڊ ڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزيراعظم کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو وي?? ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت ٻڌايو وي??. وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪ??سي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قو?? جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستانين کي ان حقيقت تي فخر آهي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023?? جو آفيشل مئچ بال پاڪستان ۾ ??اه??و وي?? آهي.