اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀرپور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. پاڪ ??ضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ متاثر جي وڌ کان وڌ امداد لاءِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ ??ضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فرا??مي??َ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فرا??مي??َ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ ??ضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي ??اءِ پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 2130 پاڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن.