اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سم??جي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فرا??مي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي (اين ا??س پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ا??س پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدم?? واري وفاقي وزير احسن ا??بال، اين ا??س پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عوام کي خدمتن جي بهتر فرا??مي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سم??جي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، سرڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آن لائين تربيتي ماڊيولز جي مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فرا??مي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍي مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌار?? وارو وفاقي وزير احسن ا??بال اين ا??س پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چيو ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فرا??مي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگهي مدي واري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ا??س پي پ?? کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ا??س پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي اين ا??س پي پي جو پبلڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ان جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سم??جي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.