اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف (اڄ سومر) بلوچستان جي علائقن صحبت پور ۽ خضدار جو دورو ڪندو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ريليف ۽ بحالي جي لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ضلعي انتظاميه وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف ۽ بحالي جي لاءِ جاري مختلف قدمن تي بريفنگ ڏيندي. وزيراعظم وڍ خضدار ضلعي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي س??براهه نواب اختر جان مينگل جي رهائش گاهه تي ويندو ۽ ان جي چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم مرحوم جي ايصال ثواب جي لاءِ ف??تح خواني ڪندو.