شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي مصر شرم الشيخ دوري جي دوران اڄ سومر تي مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب وزيراعظم شهباز شري?? ” شرم الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ“ ۾ شر??ت جي لاءِ شرم الشيخ انٽرنيشنل ڪنونشن سينٽر اي??دو. جتي هو سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم اڄ گڏ??ل قومن جي جنرل اسمبلي جي سيڪريٽري انتونيوگوتيرس سان ملاقات ڪندو. جنهن کان پوءِ ٻئي اڳواڻ ??ڏيل پريس ٽيڪ آئوٽ ڏيندا. وزيراعظم هڪ اهم رائونڊ ٽيبل جنهن جو عنوان ”ارلي وارننگ فار آل ايگزيڪٽو پلانز لانچ“ آهي. ۾ شرڪت ڪندو. ان کان علاوه وزيراعظم سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي اي??و سمٽ“ ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم جي مصر جي صدر ۽ ڪويت جي امير سان ملاقاتون به متوقع آهن.