اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي م??د جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. هن ا??ا ڳالهه عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان ا?? روم سان ??لاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان ??وقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وزير عالمي بئ??ڪ طرفان ??اڪستان جي مسلسل م??د جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته 1950 کان ??ٺي هن وقت تائين عالمي بئنڪ پاڪستان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي م??د جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ??شڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت عالمي بئنڪ بنيادي ڍانچي، زراعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، انساني سرمائي، سماجي خدمتن ۽ پائيدار واڌ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي مستقبل جي منصوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هن ا??هن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي سان عملدرآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته منصوبن جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته غير ملڪي مدد سان ??لندڙ منصوبن جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ڏس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اندو ويو آهي. ان ??وقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته دير جو شڪار منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته ان ??قصد لاءِ وزارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ته منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي حوالي سان ا??تصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي بئنڪ جي ٽيم سان ??وثر رابطي ۾ آهي.