اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي شهر سمنگان ۾ مدرسي تي ٿيندڙ وحشياڻي دهشتگرد ح??لي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿ??ون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دهشتگردي جي ان واقعي تي پنهنجي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان افغانستان جي عوام ۽ سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي لاءِ گڏ بيٺل آهيون.