اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ت??او?? تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ??ند??، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ه?? سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي ت??او?? تنظيم جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم سان ملاقات ??ند?? ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ??ند??، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير ۽ واپار وا??ي وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ??ند??. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو پڻ دورو ??ند??. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي ت??او?? جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي ت??او??ت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪامرس، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ت??او?? کانسواءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ??ند?? ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.