اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي آيل تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ نو??ڪلائي ۾ مُلاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪ??ل بيان مُوجب مُلاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نو??ڪلائي ۾ ٿيل مُلاقات کانپوءِ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ??الهه ٻولهه ٿيندي.