لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) خاون اول بيگم ث??ين?? عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??يداري پيدا ڪرڻ ضروري آهي. سفا??ر ريٽيل لميٽيڊ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي سلسلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو ع??رتن تي ٻڌل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي انهن کي نه رڳو نوڪريون ڏيڻ گهرجن پر انهن جي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي. عورتن جي صحت کي يقيني بڻائڻ خاندان جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ??مام ضروري آهي. هن چيو ته هڪ عورت جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڄاڻڻ ضروري آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ته اهي پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي پهرين اسٽيج تي تشخيص ٿي وڃي ته صحتياب ٿيڻ جي شرح اٽڪل 98 سيڪڙو آهي ۽ علاج گهٽ مهانگو هوندو آهي. هن چيو ته عورتون عام طور تي شرم ۽ حيا جي ڪري ان بيماري کي ويجهي ماڻهن کان لڪائين ٿيون جنهن جي ڪري نه رڳو معاشرتي مسئلا جنم وٺن ٿا پر اهڙين عورتن جو وڏ انگ حياتي وڃائي ويهي ٿو. هن چيو ته عام طور تي مالي اثرن جي ڪري به بيماري کي نظرانداز ڪيو ويندو هو، پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ڪينسر جو ع??اج جيڪڏهن دي سان شروع ٿئي ٿو ته مهانگو ٿئي ٿو. خاتون اول سوال ڪيو ته جيڪڏهن عورتن جي صحت ٺيڪ نه آهي ته اهي ڪيئن ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي سارسنڀال ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني پنهنجي صحت جي لاءِ 5 منٽ جو وقت ڪڍن ۽ پاڻ معائنو ڪن. هن چيو ته ڪنهن به غيرمعمولي نمو جي صورت ۾ عورتن کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ويجهي خاندان جي ماڻهن سان ڳالهه ڪري انهن کي ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. ث??ين?? عارف علوي ماڻهن جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هن ڪاروباري برادري کي چيو ته اهي مختلف معذور ماڻهن کي افرادي قوت ۾ شامل ڪن ۽ انهن کي نوڪريون فراهم ڪن. هن عورتن کي انهن جي فيڪٽري ۾ نوڪريون فراهم ڪرڻ کانسواءِ ??نهن جي صحت جو خيال رکڻ تي سيفائر گروپ جي ڪردار کي ساراهيو.