اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وبائي مرضن ۽ قدرتي آفتن جي دور ۾ دنيا کي نئين زميني حقيقتن سان هم آهن?? ٿيڻ سکڻ گهرجي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نان رونگ جي چين پاران ان جي اينٽي پيڊيمڪ پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??دمن جي اعلان جي حوالي سان ٽوئي?? جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته وبائي مرضن ۽ قدرتي آفتن جهڙين تباهين کي قدرتي ۽ عوام سان عوام جي سطح جي لاڳاپن کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.