اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي واعدي کي پورو ??رڻ کي يقيني بڻائي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا جا ڪشميري گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) جي منظور ڪيل قرارداد جي 74 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن جنهن ۾ اهو شرط رکيو ويو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ جمهوري طريقي سان آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪيو ويندو، اهو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق جو ورجاءُ هو جيڪو عالمي قانون ۾ لکيل آهي ۽ عالمي انساني حقن جي ادارن ان کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ ان جي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪري هيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان هي ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال عوام جي خودمختياري جي آفاقي حق جي حوالي سان هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا جبري قبضي جي حالتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خراب حالت ۽ حقن جي طرف عالمي ڌيان ڇڪرائي ٿي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها ان واعدي کي پورو ??رڻ کي يقيني بڻائي ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان بهادر ڪشميري عوام جي انهن جيو قار ۽ حقن بشمول انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.