مظفر آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي وابستگين باوجود سڄي ملڪ جي سياسي قيادت جو مظفر آباد ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري دنيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري رهيو آهي پر ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جذبي کي ماٺو ناهي ڪري سگهيو. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ مطابق و??يرا??ظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقع?? تي مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن مسئلن جو حل اسان ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين سان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وزيرا??ظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سياست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم پاڪستان جي وزيرا??ظم جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر آباد آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آجيان ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقع?? تي پاڪستان جي وزيرا??ظم جي مظفر آباد امد تي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين جي دلين ۾ قدر کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان امر کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپ?? تي ڪشميري عوام وزيرا??ظم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقع?? تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مر??ضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.