اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز ??ريف نيشنل ان??جي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، ??ڌا??ن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز ??ريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وز??راعظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وز??راعظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪندي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو وڃي. وز??راعظم نيڪا جي ماهرن جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت جي لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل ان??جي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل ان??جي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وز??راعظم نيڪا جي ??ڌا??ن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وز??رن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.