اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ??ه مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان ??ي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزي??اع??م چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزي??اع??م چيو ته ترڪيه پاڪستان ??ي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ??ه مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان ??ي ديني ذميواري آهي.