اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنج?? ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزي??اع??م پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ا?? حصيداري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزي??اع??م چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزي??اع??م 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دل??سپي ۽ ا??ميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنج?? ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سينيٽر شومر وفد پاران وزي??اع??م جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.