اسلا?? آباد ??? 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روزاني ايڪسپريس ڪراچي جي ايڊيٽر سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صحافت جي شعبي ۾ طاهر نجمي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ قابل صحافي هو?? ان جو شمار ملڪ جي انتهائي پروفيشنل ايڊيٽرز ۾ ٿيندو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.