اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ??يڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، دنيا ۾ منظم طريقي سان م??لمانن جي خلاف نفرت ڦهلائي پئي وڃي، دنيا ۾ نئين فاشسٽ پاليسين سان م??لمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، حجاب جهڙن م??املن کي سياست ۾ آڻڻ جو مقصد اسلام کي نشانو بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ??يڻ جي عالمي ڏينهن جي يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي کانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ۽ گڏيل قومن جي تهذيب (يو اين اي او سي) بابت اتحاد جي اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس پڻ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وڊيو لنڪ ذريعي تقريب کي خطاب ڪيو. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي آفيس ۽ پاڪستان سلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت ??ان گڏيل طور تي گهرايو ويو هو. گذريل سال جنرل اسيمبلي قرارداد 76/254 منظور ڪئي هئي جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ??يڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. هن ??ڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هال ۾ نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هن ??ينهن ??ي ملهائڻ ??ان اسلامو فوبيا جي ڪڌي رجحان بابت شعور اجاگر ڪرڻ، گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي لاءِ ا??ان جي گڏيل عزم کي سگهه ملي ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا اڄ جي دور جو هڪ اهم مسئلو آهي، اسلام امن ۽ رواداري جو دين آهي، دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب ??ان ڪو تعلق نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسلمانن کي مذهب جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي. هن ??يو ته نائن اليون کانپوءِ کان پوري دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف عداوت ۽ اداراجاتي شڪ وڌي ويا، مسلمانن جي قتل عام کي ف??شسٽ پاليسين ۽ نظرين ??ان مڪمل ڇوٽ ??ان گڏ اتساهيو ويو آهي، مسلمانن جي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪندڙن جون پاليسيون ۽ پرتشدد قدم اڄ اسلامو فوبيا جي بدترين م??هر جي نمائندگي ڪن ٿا. هن ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو او آءِ سي ملڪن ??ان گڏجي اسلامو فوبيا کي روڪڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ هڪ ”ايڪشن پلان“ جوڙين. هن ??يو ته اهڙي طرح جي ايڪشن پلان ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ??يڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري، مقدس جاين بشمول هزارن م??جدن ۽ مقبرن جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻڻ، نفرت انگيز تقريرن، قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ مسلمانن سميت ٻين ڪميونٽيز جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي غيرقانوني بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالميسطح تي قانونن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته ان ??ان گڏوگڏ اهڙن اسلامو فوبڪ قدمن جو نشانو بڻجندڙن کي قانوني مدد ۽ مناسب معاوضي جي ف??اهمي ۽ اسلامو فوبيا جي ڪاررواين جي ذميوارن کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي عدالتي مڪينزم ۽ قانونن کي وضع ڪرڻ شامل ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا جو وائرس وڌيڪ تيزي ??ان پکڙجي رهيو آهي، اڄ ا??ان کي هڪ ٺوس معاشري جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪرڻ گهرجي، يپغمبر اسلام ﷺ مسلمانن کي نسل، ثقافت، جنس يا مذهب کان هٽي ڪري هر ڪنهن ??ان عزت ۽ احترام ??ان پيش اچڻ جو درس ڏنو. هن ??يو ته اسلام ۽ ان جي پيروڪارن بابت بي بنياد فوبيا هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي، اسلامو فوبڪ بيانيو رڳو هڪ انتهاپسند معمولي پروپئگنڊه تائين ئي محدود نه آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان کي مرڪزي ڌارا جي ميڊيا ذريعن، تعليمي ادارن، پاليسي سازن ۽ رياستي مشينري جي سيڪشن قبول ڪيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي چيو ته امن جي ف??وغ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، شدت پسندي جو مذهب ??ان ڪو تعلق نه آهي، مذهب جي بنياد تي ڪنهن ??ي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن ??يو ته ڪنهن ??ان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي صدر چيو ته ا??ان کي نفرت ڦهلائيندڙ تقريرن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي، گڏيل احترام ??ان ئي ڪنهن جي دل ۾ جڳهه ٺاهي سگهجي ٿي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمانن کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو. هن ??يو ته مذهبي جي بنياد تي ڪنهن جي خلاف پاليسيون نه ٺهڻ گهرجن، عالمي دنيا کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته مسلمانن کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي. هن ??يو ته نفرت ئي ڪنهن به واقعي ۾ دهشتگردي جو بنياد بڻجي ٿي.