اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استح??ام?? قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ??رد??ر ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ??رد??ر نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن جو??لي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبار??ون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم آهي، سينيٽ چيئرمين سڀني کي ??ڏج?? ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استح??ام?? قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ??رد??ر عالمي فورمن تي نمايان رهيو آهي، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چيو ته عالمي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آهيان ته پاڪستان جو عالمي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ گڏ بيٺل آهيون.