اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد شهاب الدين کي بنگلاديش جي 22 هين صدر جو عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني آهي. صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ بنگلاديش جي نئين چونڊيل صدر ک?? مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??ون کي يقين آهي ته ان جي صدارت جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون توهان جي عهدي ?? تمام گهڻي ڪامياب مدي جي خواهش ڪريان ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.