اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس، ڪجهه ڪارين رڍن کي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي ۽ پاڪستانين جي حق تي هرگز ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، اسمگلنگ جي روڪٿام جي ??اء?? وزيراعظم جي صدارت ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري، اسمگلنگ ۾ ملوث يا ان جي روڪٿام ۾ سستي ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، اسمگلنگ جي ڪوشش دوران ضبط ٿيل مال جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري اصل ڏوهارين کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن جو انگ ۽ صلاحيت کي وڌايو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن ۾ جلد فيصلا ۽ سخت سزائون يقيني بڻايون وڃن، اسمگلنگ جي ڪاري ڌن??ي ۾ ملوث ملز مالڪن، ڊيلرز ۽ گودام مالڪن سڀني کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اسپارڪو اسمگلنگ جي سرگرمين جي سيٽلائيٽ نگراني ۾ مدد ڪري، اسمگلنگ جي روڪٿام ??اء?? سرگرم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ مان ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪٿام تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، حساس ادارن جي سربراهن، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ق??نون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي سرحدي ضلعن ۽ صوبائي سرحدن تي جاري اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪاررواين بابت تفصيلي طور تي آگاه?? ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ ايف بي آر ۽ ق??نون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽن جي انگ کي وڌائي 10 ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ پيٽرولنگ جي حوالي سان پڻ آگاه?? ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران خضدار مان 6 هزار ٽن کان وڌيڪ اسمگلنگ جون شيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، رڳو گذريل هفتي ۾ ئي آپريشن دوران ضبط ڪئي ويندڙ شين جو مقدار 4342 ٽن آهي جيڪو ٽرڪن جي قافلن ۽ گودامن ۾ اسمگلنگ جي نيت سان موجود هو. اجلاس کي حساس ادارن جي نشاندهي تي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي برطرفي ۽ شهرت يافته آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان پڻ آگاه?? ڪيو ويو. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام ??اء?? قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته الله رب العزت جي ڪرم ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿي، ٻوڏ ۽ برساتن جي باوجود آبادگارن جي محنت ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ڀرپور پيداوار تي هن ملڪ جي عوام جو حق آهي، اسمگلرن کي هرگز هن ملڪ جي عوام جي ??اء?? مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ جي هلندڙ سال کان به وڌيڪ پيداوار جي ??اء?? منصوبابندي ڪري رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي ايندڙ فصل جي ??اء?? يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ??اء?? ٺوس منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلرن جي خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ۽ ق??ار واقعي سزا ڏني وڃي، اسمگلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري.