اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) بينظير تعليمي وظيفن واري پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 18 لک ٻار هن وقت تائين رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ان ۾ اڃا تائين 6 ڪروڙ 33 لک رپيا ورهايا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران 2 ڪروڙ 34 لک رپيا ورهايا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق هن پروگرام تحت پرائمري ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇو??رن کي ٽه ماهي 1500 رپيا جڏهن ته ڇو??رين کي 2 هزار رپيا، سيڪنڊري سطح تي ڇو??رن کي 2500 رپيا جڏهن ته ڇو??رين کي 3 هزار رپيا، هاءِ سيڪنڊري سطح جي اسڪول?? تي ڇو??رن کي 3500 رپيا جڏهن ته ڇو??رين کي 4 هزار رپيا في ڪس ڏنا ويا آهن. بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پراجيڪٽ تحت هڪ لک 2 هزار اسڪالرشپ لاءِ 38 ارب رپين جو بجيٽ رکيو و??و آهي. هي پروگرام 27-2026ع تائين جاري ر??ندو.