پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ??ڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي ??جلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي ??جلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪي??. ه?? سربراهي ??جلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کني??. ه?? فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ??ه جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي ??ڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي ??جلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.