اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪ??يٽ?? بجيٽ اجلاس جي ش??ڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 جون تائين جاري رکيو ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪ??يٽ?? جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلندڙ بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪ??يٽ?? اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 جون تائين عام ??حث جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام ??حث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي ??حث 20 جون تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي ??حث 21 ۽ 22 جون تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 جون تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي ??حث ڪيو ويندو. ڪ??يٽ?? اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 جون تي به جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.